پير رشدالله شاهه راشدي

پير رشدالله شاهه راشدي: ناميارو سياسي اڳواڻ ۽ عالم دين پير رشدالله شاهه ولد پير رشيدالدين شاهه راشدي (جھنڊي واري) جو جنم ڳوٺ پير فضل الله (موجوده پير جهنڊي) ضلعي مٽياري ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ مان پرائي، سندس استادن ۾ قاضي فتح محمد نظاماڻي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي هئا، جن کان هن فقه ۽ منطق جا ڪتاب پڙهيا. فارغ التحصل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ ئي دين جي خدمت ڪندو رهيو، هن سياسي زندگيءَ جو آغاز ”ريشمي رومال“ تحريڪ سان ڪيو، هن جو مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي افغانستان ڏانهن موڪلڻ ۾ وڏو هٿ هو، شيخ عبدالحق کي جيڪي ريشمي رومال واري تحريڪ دوران خط ڏنا ويا هئا، انهن مان هڪ خط مولانا عبيدالله سنڌيءَ طرفان پير رشد الله لاءِ جنهن ۾ کيس مالي مدد جي درخواست ڪيل هئي شامل هو. هن ”خلافت تحريڪ“ ۾ به ڀرپور حصو ورتو، جان محمد جوڻيجي جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ۾ جون 1920ع تي خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن جي صدارت پير صاحب ڪئي، جڏهن خلافت تحريڪ جي لاءِ عالمن فتوائن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته پير صاحب به انهن جي ڪيترين فتوائن جي تصديق ۽ تائيد ڪئي. هن 1920ع واري ترڪيءَ تي مڙهيل شرطن تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ وائسراءِ کي يادداشت نامو ڏنو ويو هو ته سنڌ مان ٻين عالمن سان گڏ پاڻ به ان تي صحيح ڪيائين، جڏهن ان وقت جي سرڪار انهيءَ يادداشت نامي تي غور نه ڪيو ته خلافتي عالمن ”ترڪ موالات“ واري فتويٰ جاري ڪئي، جنهن جي تصديق پير صاحب خود ڪئي. ”خلافت تحريڪ“ دوران ڪيل ڪوششن سان مالي مدد لاءِ گڏ ڪيل ٽيهه هزار رپيا انگورا فنڊ ۾ جمع ڪرايا هئا، اهڙيءَ طرح تحريڪ جاري رهي. پير صاحب 22 رمضان المبارڪ 1340هه مطابق 19 مئي 1922ع تي وفات ڪئي.


لفظ پير رشدالله شاهه راشديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.05.19  عيسوي

پير رشد الله شاهه راشدي 22 رمضان المبارڪ 1340هه مطابق 19 مئي 1922ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ريجھه علي شاهه ثالث
سلطان مقيم بيگلار جي نياڻي
رهيجا تولارام ڪنئيها لال
نرنجن دوداڻي ڊاڪٽر
رميش مهتا
عطر خان ڪلهوڙو
سنت بابا گوبندرام
ڪرڻجي سوڍو
پير پٿورو
اڪبر لغاري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون